پوراني عبدالباقي جو مقبرو

پوراني، عبدالباقي جو مقبرو: عبدالباقي جو والد امير ميرڪ شاهه با يزيد حسين جيڪو هرات جي هڪ ڳوٺ پوران مان 1521ع ڌاري مرزا شاهه حسين سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو. مرزا شاهه حسين کيس بکر جو گورنر مقرر ڪيو، پر پنهنجي فقيري مزاج سبب هن بکر جي گورنري پنهنجي پٽ عبدالباقي جي حوالي ڪري واپس هرات هليو ويو، جتي 1610ع ۾ وفات ڪيائين. هينري ڪزنس هن مقبري کي ڏٺو ۽ ذڪر ڪيو آهي. ان وقت (1934ع) ۾ مقبرو زبون حال هو، پر هن انهيءَ مقبري ۾ لڳل باقي ڪاشي جي سرن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي، ڇو ته مقبري تي ڪاشي جو ٿيل ڪم ٻين مقبرن کان مختلف هو. اهڙو ئي ڪم خواجه خضر جي آستاني تي به ٿيل آهي. روهڙي ۾ سندس درگاهه جي ڏکڻ ۾ امير محمد مڪي جو مقبرو به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو